سيرت لائبرري شهداڪوٽ

سيرت لائبرري، شهداڪوٽ: هن لائبرريءَ جو بنياد اديب، سيرت نگار ۽ نعت گو شاعر سيد گل محمد شاهه گل بخاري نومبر 1974ع تي شهدادڪوٽ شهر ۾ وڌو، هيءَ لائبرري، شهر جي وڏي لائبرريءَ طور ليکي وڃي ٿي. هن لائبرريءَ ۾ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم جي موضوع تي ڏهن هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن، جنهنڪري هن لائبرريءَ جو نالو ’سيرت لائبرري‘ رکيو ويو. ان کان سواءِ هڪ سؤ کان وڌيڪ موضوعن تي 45 هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب هن لائبرريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي چئن جلدن تي مشتمل ڪئٽلاگ ۾ قلمبند به ٿيل آهن ۽ هر هڪ ڪتاب کي سيريل نمبر پڻ جاري ٿيل آهي.
هن لائبرريءَ ۾ سيرت النبي ۽ اسلاميات جي موضوعن کان سواءِ تاريخ، جاگرافي، سنڌي ادب، اردو ادب، بين الاقوامي ادب، سياست، حالاتِ حاضره، سفرناما، انسائيڪلوپيڊيا، قانون، تصوف، اخلاقيات، حياتيات، حيوانات، نباتات، طب، ڪيميا، طبعيات، رياضي، فن، ثقافت، تجارت، معاشرت، ميڊيڪل سائنس ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي.
هن لائبرريءَ ۾ 55 ٻولين ۾ لکيل ڪتاب موجود آهن ۽ 45 ٻولين ۾ قرآن مجيد جا ترجما موجود آهن، انهن ۾ سورة الفاتحه جو 70 مختلف ٻولين ۾ ترجمن تي مشتمل هڪ ڪتاب به موجود آهي. لائبرريءَ ۾ دنيا جي 35 ملڪن ۾ ڇپيل ڪتاب توڙي قلمي نسخا به موجود آهن، جن ۾ سڀ کان قديم تفسير حسيني فارسيءَ ۾ آهي، جيڪو 950هه/1543ع ۾ لکيو ويو هو. هن لائبرريءَ ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ واري دور جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد هڪ هزار کان وڌيڪ آهي، جن ۾ سڀ کان پراڻو ڇپيل ڪتاب ’فوائد بدريه‘ آهي، جيڪو 1255هه/1836ع ۾ شايع ٿيو هو. لائبرريءَ ۾ ضخامت جي حوالي سان سڀ کان وڏو ڪتاب ’تاريخ مدينة دمشق‘ آهي، جيڪو 80 جلدن تي مشتمل آهي،
هن لائبرريءَ ۾ ’صحيح بخاري‘ جا 70، ’رياض الصالحين‘ جا 60، ’شاهه جو رسالو‘ 35 ۽ ’ڪشف المحجوب‘ جا 40 مختلف ٻولين ۾ ترجما ۽ شرحون موجود آهن. هن لائبرريءَ ۾ ڪتابن سان گڏ ڪجھه ماهوار رسالا ۽ روزانيون اخبارون پڻ پابنديءَ سان ايندا رهن ٿا، لائبرريءَ مان مطالعو ۽ استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن لاءِ جوڳيون سهولتون ۽ جڏهن ته ٻاهران ايندڙ محققن لاءِ قيام ۽ طعام جو پڻ جوڳو انتظام ٿيل آهي. لائبرريءَ ۾ هڪ تاثراتي ڪتاب به رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻاهران آيل اهلِ علم حضرات پنهنجا تاثرات قلمبند ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو